اي ڌرتيءَ هُو جيڪي تنهنجو مانَ مٿانهون ڪري ويا،
هُو سوڍا دودا هئا، جان تون تي قربان ڪري ويا.
اڄ به اُنهيءَ جون ساروڻيون سو ساھ ۾،
ٻن ڏينهن جا مهمان هئا، اسان کي بيقرار ڪري ويا.
جنهن وقت جُهڙ ٺهن ٿا، بادل گرجن ٿا،
يادن جا مينهن پون ٿا، لڙڪ وهائڻ تي مجبور ڪري ويا.
جڏهن ڪوئل جي ڪا ڪُوڪ سُڻي، گلاب جي ڪا مکڙي سونگھي،
تنهن وقت پرين نيڻ تنهنجا، سرگوشيءَ ۾ ڪا ڳالھ ڪري ويا.
لڙڪن واري برسات جو موسم آ، سونهن گُلن جي عام ڪري ويا،
”آفتاب“ هو ڪير هئا، جي لڙڪن جي رم جھم ڪري ويا.
Bookmarks