قـيـامـت جـــو ھـڪـڙو جـڏهـن ڏيـنـهـن ايــنـدو
ھــر ســاھ واري شــيِ کـي اچـي مــوت ويــنـدو

ڪـــري وٺ چــنگايــون جـئـســين آھـين جـيـئرو
مــعافي مھلت جـو ڪٿي پـو مـٺا ٽائيـم مــلـنـدو

ڦــــرون قـــتـل ڌاڙا جـيـڪي سـرعام ڪـرين ٿـو
ڏيــنـهـن محـشر جي ھر شيِ جو حـصاب ٿـيـنـدو

پـنـج نمــازون فـرض اي انـسان پڙھين نـٿو تــون
قــبر ۾ مـلائڪن جو پـھريون ھي سـوال ھونـدو

ڀــنـڊ رانـجـھـن راضـي ڪـري وٺ تـــون رب کـي
خـبـر نـاهـي ڪڏهن موت منهنجو مھمان ٿـيــندو