غزل سيد غفورشاھ تقوي

حالتن سان حُجتون ڪهڙيون ڪجن
قياس ناهي قربتون ڪهڙيون ڪجن

جيءَ کي جهوري جدايون جي وجهن
پوجيئڻ جون حسرتون ڪهڙيون ڪجن

ڪنهن ڪِني ڪم ظرف ڪوڙي ڪورَ جي
حرڪتن تي حيرتون ڪهڙيون ڪجن

زندگي نالو ئي آهي پنڌ جو
ساھَ هوندي راحتون ڪهڙيون ڪجن

محبتن جو ماڻ ۽ ماپو ڪَٿي
قربتن جون قيمتون ڪهڙيون ڪجن

ويھ واٽون ٿي ويون ڪيڏانهن وڃان
پيچرن کي پارتون ڪهڙيون ڪجن

اڄ رُٺا آهن صبح ويندا ٺھي
دوستن کان نفرتون ڪهڙيون ڪجن

وقت جي تڙ ڀيڙ ۾ ? تقوي ? ڀلا
چلولايون چاهتون ڪهڙيون ڪجن