ٿوري قُوتَ قَرارِيا، رَهَنِ سَٻَرَ سَتِّ؛
کَٿِيءَ ۾ کِہَ ڀَڪُلِيا، ڀُوڻَنِ اهَڙِيءَ ڀَتِّ؛
پَنوَهارَڪِي پَتِّ، پيهِي پُڇُ مَلِيرَ ۾

هو ٿوري کاڄ تي راضي آهن ۽ هميشہ سگها آهن ۽ سيل ۾ ٿا گهارين. هو کٿيءَ ۾ ويڙهجي ۽ دز ۾ لُٽجي، اهڙي پر گهمندا وتن، تون پنوهارن جي عزت ۽ آبروءَ جي پرک وڃي ملير ۾ لهه

سُرُ مارئي، داستان ستون، بيت 5